سينٽ ميري ديول

سينٽ ميري ديول (ماڳ): ڪراچيءَ ۾ هاڻوڪي نيشنل بئنڪ جي سامهون عيدگاهه جي ڀر ۾ رومن ڪئٿولڪ فرقي جي عيسائين جي ديول آهي، جيڪا 1885ع ۾ تعمير ٿي. ديول جي اڳيان چبوتري ۾ سنگ مرمر جو هڪ آدم قد مجسمو رکيل آهي. ورهاڱي کان پوءِ سينٽ ميري ديول کي هاءِ اسڪول ڪيو ويو، هتي وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم وٺن ٿا، فيون بلڪل ڳريون آهن، اڳ اسڪول جي شاگردن کي هر روز بائبل جو سبق ڏنو ويندو هو، پر ايوبي حڪومت سڀني ديولن جي پادرين کي حڪم ڏنو ته اسلامي تعليم ڏين. 1942ع تائين شاگرد سينيئر ڪيمبرج امتحان ڏيندا هئا، جڏهن ته 1948ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳو ٿي ويو.


لفظ سينٽ ميري ديولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو